Sindhi poetry by ahsan fayyaz

ڪا تصوير پُراڻيءَ

 ڪا تصوير پُراڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي

هُو ٿيو لڙڪ پاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


درد پيڙائُن جا ڪِٿ ٿڪا هِن سلسلا

روز ڪا نئين ڪهاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


اسان جي آبرو ڪُٺي وئي انائُن وِچ ۾

اڪثر وڍيل ڪا نياڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


ڪي خواب ٽُٽي ٿا لڙڪ تخليق ڪن

ڪا آس ٿيو پاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


بِسارت ۾ اذيَت ايڏي آ وجود کي

ڪا موسم رت هاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


خواب بہ تنهنجي هجر جا ڏسان ٿو

مٺا تنهنجي موڪلاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


لوڪ کان لِڪائي دل ۾ رکيم هُن کي

مگر هُو ڄاڻي واڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي


تون ويڳاڻو ٿي وِڇڙيو هُئين هِن ڳوٺ کان

اڄ بہ احسن صُورت نِماڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي

No comments:

Post a Comment

December Poetry 2025

 _تیری یادوں کی روانی_ _اور یہ دسمبر_ _میری باتیں، تیری کہانی_ _اور یہ دسمبر_ _میرا ھاتھ تیرا ساتھ_ _لمبی سڑک_ _اور یہ دسمبر_ _گم سم شامیں، ...